حسين حقاني

حسين حقاني

حسين حقاني

حسين حقاني: نامور صحافي ۽ اڳوڻو سفير حسين حقاني، پهرين آڪٽوبر 1956ع تي ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ ڄائو. هن تعليم به ڪراچيءَ مان ئي حاصل ڪئي. کيس اسڪول واري زماني کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. 1972ع ۾ جڏهن هو گورنمينٽ نئشنل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ تعليم هيٺ هو ته هن اسلامي جمعيت طلباء جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ جمعيت جو صدر بڻجي ويو. 1977ع ۾ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم. اي ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد يونين جو صدر به رهيو. اخبار ’فار ايسٽرن اڪانامڪ روِيو‘ ۽ رسالي ’عربيه‘ جي خاص نمائندي جي حيثيت سان 1980ع کان 1984ع تائين هانگ ڪانگ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، ڪجهه عرصي بعد ڪراچيءَ ۾ اچي ساڳي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. سياسي ميدان ۾ حسين حقانيءَ جو نالو 1988ع ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ ٺهندڙ ’اسلامي جمهوري اتحاد‘ جي چونڊ مهم جي ڪردار طور سامهون آيو هو.
هن وزير اعليٰ پنجاب نواز شريف جي خاص معاون طور 1988ع کان 1990ع تائين ذميواري نڀائي ۽ 1990ع ۾ هو پهرئين وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ۽ پوءِ وزير اعظم بڻجندڙ نوازشريف جو خاص معاون (Press Advisor) بڻيو. 1992ع کان 1993ع تائين سريلنڪا ۾ پاڪستان جو سفير رهيو. 1993ع ۾ حسين حقاني هڪ ڀيرو وري هڪ چونڊ مهم هلائڻ ۾ حصو ورتو. هن ڀيري اها مهم نواز شريف جي مخالف ۽ (شهيد) بينظير جي قيادت ۾ ٺهندڙ سياسي اتحاد P.D.F (پي. ڊي. ايف) هئي. چونڊن ۾ (شهيد) بينظير ڀٽو جي ڪاميابيءَ کانپوءِ 1993ع کان 1995ع تائين حڪومت جو ترجمان رهيو. انهيءَ دوران کيس مملڪتي وزير جو درجو حاصل هو. جون 1995ع ۾ کيس هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جو چيئرمئن بنايو ويو هو. تقريباً هڪ سال تائين اُن عهدي تي فائز رهيو. نومبر 1996ع ۾ جڏهن صدر فاروق لغاريءَ بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ته هن به پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
1998ع ۾ نواز شريف جو ٻئي حڪومتي دور ۾ هڪ ڀيرو حسين حقاني وري سندس ساٿي نظر آيو ۽ مئي 1998ع ۾ پاڪستان پاران ائٽمي ڌماڪن جي تجربي کانپوءِ حسين حقاني آمريڪي پابندين تي آمريڪي اختيارين سان وزير اعظم جي نمائندگي ڪندي ڳالهيون ڪيون. 2000ع ۾ سندس شادي فرح ناز اصفهانيءَ سان ٿي، جيڪا آمريڪا ۾ پاڪستان جي پهرئين سفير مرزا ابو الحسن اصفهانيءَ جي پوٽي آهي. هو 2002ع ۾ آمريڪا منتقل ٿي ويو ۽ واشنگٽن ڊي. سي جي جان هابڪن يونيورسٽيءَ ۾ 2003ع کان 2004ع تائين ليڪچر طور ۽ 2004ع ۾ آمريڪا جي بوسٽن يونيورسٽيءَ سان ائسوسيئيٽ پروفيسر طور واڳيل رهيو. ان کان سواءِ يونيورسٽيءَ جي پراجيڪٽ جو شريڪ چيئرمئن به رهيو. مشرف دور جي خاتمي ۽ 2008ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ ۽ حڪومت سازيءَ کان پوءِ کيس آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو. ٽن سالن بعد نومبر 2011ع ۾ آمريڪي فوج کي لکيل سندس هڪ مبينا خط جي اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ کان پوءِ کائنس استعيفا ورتي وئي ۽ سندس جاءِ تي شيري رحمان کي سفير مقرر ڪيو ويو. حسين حقاني ڪيترن ڪتابن جو مصنف به آهي ۽ هن ملڪي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن ۽ سياسي لاهن چاڙهن تي مختلف ملڪي ۽ عالمي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون به لکيا آهن.


لفظ حسين حقانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.01  عيسوي

نامور صحافي ۽ اڳوڻو سفير حسين حقاني، پهرين آڪٽوبر 1956ع تي ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايلسا قاضي
پروفيسر هاسانند جادوگر
اڏيرو لال
دارو جي راجا
خان محمد بروهي 1
الهه بخش محمدي
ابڙو علامه علي خان
دائود سيوستاني
رئيس امام بخش
آر اي ڪارسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون